اسلام آبادپاڪستان

عمران جي تقرير ۽ پريس ڪانفرنس تي پابندي جو حڪم نامو رد

اسلام آباد :حڪومت پيمرا طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تقرير ۽ پريس ڪانفرنس تي پابندي جو حڪم نامو رد ڪري ڇڏيو.پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تڪراري بيانن جو نوٽيس وٺندي سندس تقريرون ۽ پريس ڪانفرنس ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. پيمرا طرفان جاري حڪمن ۾ چيو ويو ته عمران خان جي رڪارڊ تقرير به نشر نه ڪري سگهبي. پر وفاقي حڪومت پيمرا قانون جي سيڪشن فائيو تحت اختيارن جو استعمال ڪندي عمران خان جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي جو حڪم نامو رد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پيمرا قانون جو سيڪشن فائيو وفاقي حڪومت کي مخصوص حالتن ۾ اٿارٽي جا اختيار معطل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button