پاڪستانسنڌ

آصفه ڀٽو زرداري جي غلام مجدد اسراڻ جي پونئيرن سان تعزيت

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو جي ننڍي صاحبزادي بي بي آصفه ڀٽو زرداري اڳوڻي اسيمبلي ميمبر غلام مجدد اسراڻ مرحوم جي گهر پهتي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري غلام مجدد اسراڻ مرحوم جي وفات تي سندس ڀائيٽي غلام محمد اسراڻ سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. هن مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم غلام مجدد اسراڻ پارٽي جو اثاثو هو ۽ سندس تڪ جي عوام لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button