پاڪستان

ڪيس داخل نه ٿيڻ ۾ نظام جي ناڪامي، پرويز الاهي جو ڏوهه ناهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قاتلاڻي حملي جي ايف آ آر داخل نه ڪرڻ تي ٻڌايو وڃي ٿو ته پٺيان کان حڪم آهي، سڄي معاملي ۾ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جو ڪو ڏوهه ناهي، اها نظام جي ناڪامي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بدقسمتي اها آهي ته مون تي حملي جو معاملو هجي، 25 مئي تي تشدد جو واقعو هجي، ايف آ اي جا ڪيس يا اليڪشن ڪميشن جا فيصلا هجن، اسان جا ڪيس داخل نٿا ٿين ۽ سڀئي ادارا اسان کي چون ٿا ته پويان کان حڪم آهي. پنجاب ۾ وڏي وزير پرويز الاهي کي تبديل ڪرڻ جي امڪان بابت سوال پڇڻ تي هن چيو ته سڄي معاملي ۾ پرويز الاهي جو قصور ناهي، اها نظام جي ناڪامي آهي، جنهن ۾ توازن ناهي، جڏهن توهان پنهنجي ذات کي تنقيد کان مٿانهون سمجهندا ته مسئلا ضرور ٿيندا، جيستائين معاشري ۾ انصاف نٿو ٿئي ڪڏهن به خوشحالي نه ايندي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مارشل لا لڳڻ جا ڏينهن هاڻي ختم ٿي چڪا آهن، عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي، هاڻي ملڪ ۾ مارشل لا نٿي لڳي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button