تحريڪ انصاف جا اڳواڻ فواد چوڌري، زلفي بخاري ۽ حماد اظهر لانگ مارچ دوران وزيرآباد ۾ فائرنگ سبب حياتي وڃائيندڙ ڪارڪن معظم گوندل جي گهر پهتا ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جو وفد چيئرمين عمران خان جي هدايت تي معظم جي گهرڀاتين سان ڏک ونڊڻ لا آيو آهي، جيڪڏهن معظم ڪوشش نه ڪري ها ته تمام گهڻو نقصان ٿيڻ جو انديشو هو. حماد اظهر چيو ته اسان معظم گوندل جي ٻارن ۽ ڀا کي گڏ وٺي وڃي رهيا آهيون، اهي سڀ گهرڀاتي عمران خان سان ملاقات ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته پارٽي طرفان مقتول جي وارثن کي 50 لک رپيا عطئي طور ڏنا ويا آهن ۽ معظم جي ٻارن لا جيڪو به ڪري سگهياسين، ضرور ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close