تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي مڪمل صحتياب قرار ڏئي شوڪت خانم اسپتال مان موڪل ڏني وئي، جنهن بعد هو لاهور ۾ زمان پارڪ واري رهائشگاهه ۾ منتقل ٿي ويو آهي. اڳوڻو وزيراعظم 3 نومبر تي قاتلاڻي حملي بعد شوڪت خانم اسپتال لاهور ۾ علاج هيٺ هو، جتان کيس ڊسچارج ڪري سلپ پڻ ٺاهي ڏني وئي آهي. عمران خان اسپتال مان پنهنجي گهر زمان پاڪ روانو ٿي ويو، جتي هڪ ڏينهن مڪمل آرام ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميا پنهنجي وضاحتي بيان ۾ عمران خان کي 4 گوليون لڳڻ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي، اسپتال طرفان جاري ڪيل دستاويز موجب عمران خان جي ڄنگهن ۾ گولي جا ٽٽل 4 ٽڪرا هئا، جن کي ڪڍڻ لا آپريشن ڪيو ويو. ڊاڪٽر فيصل سلطان به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي گولي نه پر گولي جا ذرڙا لڳا هئا، آپريشن ذريعي هر قسم جا ذرڙا ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڏي کي به ڪو نقصان ناهي پهتو، تحريڪ انصاف چيئرمين جي حالت هاڻي اطمينان جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close