غلام نبي شاھه: غلام نبي شاهه ۾ سرڪاري ڪوٽا جاري ٿيڻ باوجود ڪڻڪ جو اٽو سستو نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ايس يو پي ڪارڪنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ قادر ڪنڀر، مولانا سچل مڱريو، سڀاگو خان سمون، دولت ڪولھي، شنڪر لوھار، سورو ڪولھي، ميوو ڀيل ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار جي نوٽيس اعلان ڪڻڪ جو اٽو 26 سئو رپيا في مڻ ۾ وڪرو ڪرڻو آھي، پر خوراڪ کاتي جي ڪامورن جي ملي ڀگت سان 23 سئو ۾ سرڪاري ڪڻڪ خريد ڪري 42 سئو رپيا في مڻ اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، چڪي مالڪ اٽو مھانگو وڪرو ڪن ٿا، پڇاڻو ڪرڻ تي چوندا آھن ته اسان في ٻوري تي فوڊ کاتي کي ڳري ڪميشن ڏيندا آھيون. ھنن خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ جي اٽي جي سرڪاري اگھه تي عمل ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close