پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

نبي سرروڊ: نبي سرروڊ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کانپوءِ سنڌ سموري ٻڏي پئي آهي ته ٻئي پاسي وري سب ڊويزن ڪنري جي راهمور شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بااثرن پاران مبينا طور پاڻي چوري ڪرڻ خلاف ٽيل جي آبادگارن عبدالحفيظ لغاري نياز محمد گجر، بلاول گشڪوري، اسماعيل گشڪوري، عبدالمجيد لغاري، گنهور شاهه، اڪرم لغاري ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته سب ڊويزن ڪنري جي راهمور شاخ جا بااثر آبادگار پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، ٽيل ۾ پاڻي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، چيٽ جي پوکائي کان اڳ پاڻي چوري ٿيڻ ۽ کوٽ سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، هزارين شڪايتن باوجود آبپاشي انتظاميا نوٽيس ناهي ورتو، بااثر آبادگار مختلف طريقن سان سرعام پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، تازو ئي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت پنج لک رپيا خرچ ڪري شاخ جي کوٽائي ڪرائي آهي، پر ان هوندي به اسان کي فل گيج پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. هنن آبپاشي عملدارن سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي چوري ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري فل گيج پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button