پاڪستانسنڌ

روڊ جي ڪٽ مان ڪراس ڪندي ٻڏي ويل نوجوان جو لاش هٿ

فريدآباد: فريدآباد-ميھڙ روڊ کي ڏنل ڪٽ مان ڪراس ڪندي 2 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل ڪنڊو واهھ واسي نوجوان 18 سالن جي سھراب علي سولنگي پٽ ميرل سولنگي جو لاش 48 ڪلاڪن کانپو وارثن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪري هٿ ڪيو ۽ ٻاهر ڪڍيو، اطلاع تي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان دوا لا فريدآباد وڃي رھيو ته ٻيڙي وارن جي ھڙتال سبب کنڊ جي پاڻي مان ڪراس ڪرڻ لڳو، پر پاڻي ۾ ڦاسي ٻڏي ويو، جنهن جو ٻن ڏينهن بعد لاش هٿ آيو آهي. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن غلام نبي سولنگي، نصر الله سولنگي ۽ مختيار سولنگي چيو ته سنڌ ۾ سمورا رستا بحال ٿي ويا آهن، پر فريدآباد روڊ جا ڪٽ بند ناھن ڪيا ويا، ان ڪري نوجوان روڊ ڪراس ڪندي فوت ٿي ويو، جنهن جي ذميوار انتظاميا ۽ ٺيڪيدار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button