اسلام آبادپاڪستان

فارن فنڊيڊ فتنو غلط ايف آئي آر ڪٽرائڻ لا دٻا وجهي رهيو آهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻن ڪلاڪن جي الزام، بهتان، ڪوڙ ڀريل پريس ٽاڪ ڪري سگهن ٿا پر پنهنجي حڪومت ۾ 4 ڏينهن قاتلاڻي حملي جي ايف آئي آر نه ڪٽائي سگهيا. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙي ڪانفرنس کان پهريان قانون مطابق ٻن صفحن جي ايف آئي آر ڪٽرايو. هن چيو ته الزام بهتان، ڪوڙ غلاظت پر ايف آئي آر نه ڪٽجي سگهي. پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت پنهنجي پوليس پنهنجي انتظاميا پر ايف آئي آر نه ڪٽجي سگهي. فارن فنڊيڊ فتنو پنجاب ۾ طاقتور جو قانون چاهي ٿو. ڪوڙي ايف آئي آر ڪٽرائڻ چاهي ٿو. فارن فنڊيڊ فتنو پنجاب انتظاميا کي غلط ايف آئي آر ڪٽرائڻ تي پريشرائز ڪري رهيو آهي. فارن فنڊيڊ فتنو پنهنجي خواهش مطابق غيرقانوني ايف آئي آر ڪرائڻ جي ضد تي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته حقيقي آزادي ڏيارڻ وارو فارن فنڊيڊ فتنو وزير آباد جي ٿاڻي مان 4 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به ايف آئي آر نه ڪرائي سگهيو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو وزيراعظم، گهرو وزير ۽ آئي ايس آئي جي آفيسر تي قاتلاڻي حملي جو ڪوڙو الزام لڳائي سگهي ٿو پر وزيرآباد جي ٿاڻي ۾ ايف آئي آر نٿو ڪرائي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button