ميهڙ: ميهڙ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ صحافي صدام شاھه جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، ميهڙ بار جي وڪيلن ۽ شھرين ڀٽائي پريس ڪلب کان مظاهرو ڪري ھٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، ريلي جي اڳواڻي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ ضلعي دادو جي جرنلسٽ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري بابو عبدالله سومرو، منٺار خاصخيلي، سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ علي شير جوڻيجو، هادي بخش سومرو، نظر حسين کوسو، محبوب چانڊيو، عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ جو صدر ايڊووڪيٽ منصور احمد چانڊيو، شبير احمد کوسو، ميهڙ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن اياز شاھه، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ عابد ڪلهوڙو، ڀٽائي پريس ڪلب جي صحافين امير علي کوهارو، صدام حسين شاھه، وحيد علي سومرو، صدا حسين چانڊيو، فاروق سومرو، آزاد پريس ڪلب ميهڙ جي چيئرميین محمد علي شيخ، عبدالغني ميراڻي، غلام حسین پنھور، سارنگ جھتیال، فريدآباد جي صحافي معشوق علي چانڊيو ۽ خادم حسين ڏيرو ڪئي. هنن چي ته شھر ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت امن تباهھ ڪيو ويو آھي، ايس ايڇ او اي سيڪشن شفيق ابڙو ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آھي، ڏيڍ مهينو اڳ صحافي صدام حسين شاھه جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي، جيڪا پوليس اڃا تائين واپس ناهي ڪرائي. هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايس ايڇ او شفيق ابڙو کي هٽائي موٽرسائيڪل واپس ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close