
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف جيڪا عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ان جي آجيان ڪريان ٿو، پر مون جن 3 ماڻهن جا نالا ورتا آهن، انهن جي موجودگي ۾ شفاف جاچ نٿي ٿي سگهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حملي جي ايف آ آر داخل ٿيڻ منهنجو حق آهي، جڏهن ان جي جاچ ٿيندي ته سڀني کي خبر پئجي ويندي، اسان جي پنهنجي پوليس ئي منع ڪري، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.