ناليواري ليکڪ نظير ملڪاڻي جي تازو ڇپيل نئين ڪتاب”‘ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي تاريخ جي آئيني ۾” جي مھورتي تقريب ملڪاڻي شريف ۾ ٿي، ڪتاب جي مھورتي تقريب جي صدارت ناليواري ليکڪ تاج جويو، مھمان خاص طور ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر نصير مرزا ۽ ڪھاڻيڪار سليم چنا شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاعر نياز پتافي، خليل کوسو، عبدالقيوم راھو، مھر علي جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تاج جويو چيو ته ڳوٺ جي تاريخ تي ڪتاب لکي نظير ملڪاڻي ھڪ تاريخي ڪم ڪيو آھي. نظير ملڪاڻي وڏو ڪم ڪيو آھي. ھن پوري ڳوٺ جي تاريخ کي گڏ ڪري ھڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ايندڙ نسل لا اھا معلومات ڏئي ڇڏي آھي ته سندن ڳوٺ ڇا آھي ۽ ڇا ھو. مشھور ريڊيو ڪمپيئر نصير مرزا چيو ته نظير ملڪاڻي ھڪ بھترين ليکڪ آھي جنھن ڪھاڻين سان گڏ تاريخ تي قلم کڻي ھڪ تاريخي ڪم ڪيو آھي. سليم چنا چيو ته نظير ملڪاڻي نہ فقط ھڪ سٺو استاد رھيو آهي پر ان سان گڏ پاڻ کي بھترين ليکڪ ۽ محقق طور مڃرايو آھي. پروگرام ۾ امتياز ملڪاڻي، منصور علي ملڪاڻي، محمد سليم ملڪاڻي خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close