سنڌ

قمبر ۾ بدامني خلاف شهري اتحاد جي احتجاجي ريلي

قمبر ۾ شهري اتحاد پاران بدامني خلاف شاهي بازار کان واپارين ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن محمد اسلم تنيو، علي جان مگسي، آصف شيخ، نثار احمد ڪنڀر، خالد معرفاڻي ۽ ٻين چيو آهي ته ڪيترن ڏينهن کان واپاري ڪاروبار ڇڏي روڊن تي انتظاميا جي نااهل آفيسرن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر پوليس عملدار سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا. سفارشي نااهل پوليس آفيسر ٿاڻن تي مقرر هجڻ ڪري ڏوهن جو خاتمو ٿي نٿو سگھي، ويتر ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، تنهنڪري واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا. پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي. هنن آ جي سنڌ ۽ وسوارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button