ٿاڻو بولا خان پريس ڪلب ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪوهستان پاران ڪوهستان جي ناليواري سگهڙ محمد سليم لالاڻي جي ڪتاب ”ٻولي ڳجهارت“ جي مهورتي تقريب ٿي. ان موقعي تي پروفيسر رخمان گل پالاري ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي واڌايون جن ھي مانڍاڻ مچايو آھي. ھڪ فقير منش ليکڪ سليم لالاڻي کي مڃتا ڏيئي ڪتاب جي مھورت ڪرائي آهي. سليم وڏي محنت ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي ڪتاب ۾ پنھنجي ڪوھستان جي ٻولي استعمال ڪئي اٿس، ڪمال جي شاعري ڪئي اٿس، سليم پنھنجي ڪتاب ۾ انوکيون ڳالھيون ڪيون آھن ڳجھارتون ڏنيون آھن ھن ھر شي کي پنھنجي شاعري ۾ آندو آھي جيڪا ماڻھو جي وس جي ڳالھه ناھي. ھن چيو ته ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون آھن ترتيب به ھيٺ مٿي ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته ڏور ڏھيس ڳجھارت شاعري جون ڏکيون صنفون آھن جنھن سان سليم نڀايو آھي جيڪا ھر ماڻھو جي وس جي ڳالهه ناهي. تقريب ۾ وڇڙيل مرحوم جمن دربدر، مٺو مهيري لا دعا گهري وئي. تقريب کي ڪتاب جي ليکڪ محمد سليم لالاڻي، محمد حسين خاصخيلي، جمال الدين پالاري، مصطفئ کوسو، وڏيرو ڪلو خان پالاري، وڏيرو شاھد حسين، عبدالرحمان گبول، پنھل فقير، انور پالاري، امر مشتاق پالاري، اياز پالاري، معشوق، مصطفئ ميمڻ، علاوالدين ۽ ٻين کي خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close