پاڪستانسنڌ

ٿر جون 444 ليڊي هيلٿ ورڪر پگهارن کان محروم، مٺي ۾ 6 ڪلاڪ ڌرڻو

مٺي: ٿر جي 444 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي 5 سال گذرڻ باوجود پڪو نه ڪيو ويو، نه ئي پگهارون جاري ڪيون ويون. مٺي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن ٿر ڪول بائي پاس روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جڏهن ته ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر گريش، اي سي حميد مغل ۽ ڊي ايس پي مٺي يونس بلوچ پهچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ليڊي هيلٿ ورڪرن پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف ماريه ڪولهي، رخسانه، سنگا، کينران، چنديرام ۽ ڪانجي جي اڳواڻي ۾ 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن دبب ٿرڪول روڊ تي مٺي کان ڪراچي، حيدرآباد، بدين ۽ ميرپورخاص ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 5 سالن کان پگهارن کان محروم آهيون، ٻار فاقاڪشي تي مجبور آهن، 2018ع ۾ سنڌ حڪومت ٿر ۾ 444 ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ڀرتي ڪيو، اسان ڏورانهن ڳوٺن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آھيون، پنج سالن کان مسلسل ايمرجنسي ڊيوٽي ڪرونا هجي پوليو هجي يا ٻيون مختلف ڊيوٽيون بغير ڪنهن الائونس جي ڪيون، پر اڃان تائين پگهارون ناهن مليون، نه ئي پڪو ڪيو وڃي ٿو. اسان بار بار احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيا ته ڪوڙا دلاسا ڏئي احتجاج ختم ڪرايو ويندو آھي، پر جائز مطالبا نٿا مڃيا وڃن. هنن وڏي وزير ۽ صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري پڪو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button