جهڏو: جهڏو جي يوسي باکر جي ڳوٺ لکانو مغيري جي رهواسين صالح محمد، رسول بخش، عبدالغفار، نيڪ محمد، سڪندر مغيري ۽ ٻين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته برساتن ۽ پراڻ ندي جي گهارن سبب اسان جو ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويو، ڪچا پڪا سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويو، چوپايو مال مري ويو، پر اسان جي ڳوٺ جي سوين متاثر ماڻهن جي ڪا به واهر نه ٿي آهي. جهڏو انتظاميا فقط من پسند ۽ سفارشي ماڻهن کي امدادي سامان ڏنو، هن وقت ڪافي اين جي اوز ڳوٺن ۾ سروي ڪري امداد ورهائي رهيون آهن، پر اسان جي ڳوٺ ۾ڪابه تنظيم اڃان تائين نه آئي آهي، نه ئي ڳوٺ ۾ ڪنهن ماڻهو کي ڪا امداد ملي آهي. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي، ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهيون، زمينن ۽ گهرن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي، بار بار ڊي سي ميرپورخاص ۽ اي سي جهڏو کي مدد جون درخواستون ڪيون، پر ڪير به اسان جي مدد نه پيو ڪري، جنهن سبب اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هنن سنڌ سرڪار سميت سماجي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺ جي سروي ڪري مڇردانيون، راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close