پاڪستانسنڌ

ڊاڪٽرن جي هڙتال، عمرڪوٽ ۾ علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي احتجاج سبب مريض دربدر ٿي ويا، وارڊن ۾ داخل مريضن اسپتال ٻاهران احتجاج ڪيو. رسڪ الائونس لا ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب وارڊن ۾ داخل مريض علاج نه ٿيڻ تي ٻاهر نڪري آيا، جن ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته رات کان اسپتال ۾ داخل آهيون، پر ڊاڪٽر ۽ عملو علاج نٿو ڪري، بيمار ٻار تڙپي رهيا آهن، ڪير به ڏسڻ وارو ناهي. ساڳيا ڊاڪٽر پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڳريون فيسون وٺي علاج ڪري رهيا آهن، پر سرڪاري اسپتال ۾ علاج نٿا ڪن. اسان غريب ماڻهو سئو رپيا اوڌر وٺي اسپتال پهتا آهيون، پر هتي ظلم آهي، معصوم ٻار مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مري رهيا آهن، ڊاڪٽر روز هڙتال جو ڊرامو ڪري مريضن کي تنگ ڪري رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي مريضن جي احتجاج جو ٻڌي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فريد هنڱورجو اسپتال پهچي مريضن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button