پاڪستانسنڌ

سگا طرفان ٻوڏ متاثرن جي ترت بحالي لا جوڳا قدم کڻڻ جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ڪائونسل آف ميمبرز جو اهم اجلاس حيدرآباد ۾ 6 نومبر 2022ع تي چيئرپرسن علي حسين بروهي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن هلائي. اجلاس ۾ سگا جي ڪائونسل آف ميمبرز وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو ۽ اجلاس ۾ ٺهرا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سانا آمريڪا اڳواڻ طفيل احمد ميمڻ خاص طور تي شرڪت ڪئي ۽ ڪائونسل جي ميمبرن طرفان تفصيلي طور تي پنهنجا رايا پيش ڪيا ويا.

اجلاس ۾ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ترت بحالي لا جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ سياري واري ايندڙ موسم کان اڳ متاثرن جي رهائش ۽ ٻين ضرورتن جو بندوبست ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ غيرقانوني رهائشي پرڏيهين کي ادارن ۽ اختياري وارن طرفان ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري سنڌ جو شهري بنائڻ تي تمام گهڻي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي شهرن ۾ وڌندڙ ڏوهن تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي مڇرڪالوني واري علائقي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن انجنيئر ۽ ڊرائيور کي ڏوهارين جي هڪ گروهه طرفان ڏينهن ڏٺي جو وحشياڻي طريقي ۽ دهشتگردي سان قتل تي ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار بنادير نوري آباد بس حادثي جي متاثرن کي معاوضو ادا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button