ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ ڦر جي مختلف واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. شهرين هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري ورتو. خبر موجب ڪراچي جي سپر مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع لياقت آباد 4 نمبر واري علائقي ۾ نامعلوم ڦورن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 20 ورهين جي نوجوان امان الله پٽ محمد علي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. مارجي ويل نوجوان جي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي طرف فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ واقع شفا موڙ وٽ نامعلوم ڦورن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 23 ورهين جي نوجوان انور زيد پٽ علا الدين کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، زخميءَ کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رضويه ٿاڻي جي حد ۾ واقع گلبهار واري علائقي ۾ هڪ ڦورو پستول جي آڌار تي هڪ شهريءَ کان ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته علائقي واسين مڙسي ڪري ڦورو کي پڪڙي ان کي زبردست مارڪٽ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب علائقي واسين بيهوشيءَ جي حالت ۾ جوابدار کي پوليس جي حوالي ڪيو آهي. جنهن کي علاج جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هڪ عدد پستول هٿ آيو آهي.