پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ فليٽ کي باهه لڳڻ سبب تازو پرڻيل گهوٽ ۽ ڪنوار زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ نيپيئر جي علائقي ۾ فليٽ ۾ ڳجهي نموني باهه لڳڻ سان ڪجهه ڏينهن اڳ پرڻيل جوڙو زخمي ٿي پيو. پوليس مطابق ڪي ايم سي ورڪشاپ ويجهو لڪي پلازه جي 5 ماڙ تي فليٽ ۾ اوچتو باهه لڳي، جنهن ۾ 22 ورهين جو عزيز ۽ سندس زال 20 ورهين جي بسمه سڙي زخمي ٿي پيا. اطلاعن مطابق ٻنهي جي هڪ هفتو اڳ شادي ٿي هئي ۽ اهي 4 ڏينهن اڳ ئي ڄاڻايل فليٽ ڪرائي تي وٺي منتقل ٿيا هئا. ايس ايڇ او ٿاڻو نپيئر انسپيڪٽر سليم مروت ٻڌايو ته گهر جي ڪچن ۾ سوئي گئس ليڪيج ٿي، شڪ آهي ته چلهو ٻارڻ تي باهه لڳي، جڏهن ته ان ڏس ۾ مختلف بيان سامهون اچي رهيا آهن، تنهن ڪري حتمي ڳالهه ڪرڻ وقت کان اڳ هوندي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوڙي گهر پهچي جيئن ئي لائٽ ٻاري ته زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ باهه لڳي وئي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ جو ٻڌائي رهيا آهن. واقعي کانپوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻنهي زال مڙس کي فليٽ مان ٻاهر ڪڍي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ سڙي ويل جوڙي جي حالت بهتر ٿيڻ تي بيان ورتو ويندو. جنهن کانپوءِ پتو پئجي ويندو عزيز ۽ بسمه جي هڪ هفتو اڳ شادي ٿي هئي ۽ انهن ٻنهي کانسواءِ گهر ۾ ٻيو ڪو نه هو، آخري اطلاعن تائين زخمي ڇوڪري جا گهرڀاتي برنس وارڊ پهتا. جڏهن ته نوجوان عزيز جا گهرڀاتي ناهن آيا، شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻنهي گهرڀاتين جي مرضي جي خلاف پرڻو ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ڏس ۾ پوليس جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button