ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو آهي ته سجاول ضلعي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، سرڪاري اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ مريضن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. سياري ۾ ڊينگي، مليريا ۽ ٻيا موسمي وائرس وڌيڪ اثرانداز ٿي ويندا آهن، ان کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن سان گڏ ضروري اپاءَ وٺڻ به ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر احمد علي پليجو ۽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ/سول سرجن ڊاڪٽر عبدالجبار جمالي سان ضلعي سجاول جي صحت جي مسئلن سميت ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي کوٽ جي حوالي سان ملاقات دوران ڪيو.
هن چيو ته سيارو شروع ٿي ويو آهي ۽ ان سان ئي ڊينگي، مليريا ۽ ٻيا موسمي وائرس غيرمعمولي طور تي سرگرم ٿي ويا آهن، جنهن ڪري سرڪاري اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ مريضن جو رش وڌي ويو آهي ۽ مريض ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ جون شڪايتون ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سجاول ڊاڪٽر احمد علي پليجو ۽ ايم ايس سول اسپتال سجاول مسئلن کان آگاهه ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته سمورن مسئلن تي تي تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ صحت واري سيڪريٽري کي ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ پوسٽنگ بابت آگاهه ڪيو وڃي.