ڪراچي: حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير صاحب پاڳاري سان سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان آچر جي رات دبئي مان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته هن وقت ملڪ جنهن نازڪ صورتحال مان لنگهي رهيو آهي ان ۾ سمورين سياسي قوتن کي تحمل ۽ سنجيده رويي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
پير پاڳاري گورنر سان ڳالهائيندي چيو ته هي وقت سياست جو نه پر پاڪستان بابت سوچڻ جو آهي. پير پاڳارو چيو ته پاڪ فوج ملڪ ۽ قوم جي تحفظ جي ضامن آهي، جيڪڏهن اسان جي پاڪ فوج ڪمزور ٿي ته پاڪستان به مستحڪم نٿو رهي سگهي. پير پاڳارو چيو ته اسان هميشه پاڪ فوج سان گڏ رهيا آهيون ۽ آئينده به ان جي هر سطح تي ڀرپور حمايت ۽ مدد ڪنداسين، ڇو ته اسان کي پنهنجي سياست جي نه پر پاڪستان جي سلامتي ۽ فيڊريشن جي استحڪام جي ڳڻتي آهي.