پاڪستانسنڌ

عمران حملي جي ايف آءِ آر ۾ 3 ڪوڙا نالا شامل ڪرائڻ چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان وزيرآباد واقعي جي ايف آءِ آر ۾ 3 ڪوڙا نالا شامل ڪرائڻ چاهي ٿو. پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي جيڪڏهن انهن نالن تي متفق ناهي ته عوام کي ڇو بيوقوف بڻايو پيو وڃي؟ صوبائي وزير عمران خان پاران اربع کان لانگ مارچ جي ٻيھر اعلان تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي انهن نالن تي متفق آهي ته پوءِ قوم کي ٽي وي تي اچي آگاهه ڪري. هن چيو ته اسان پهرين به چئي چڪا آهيون ته عمران خان ڏڦيڙ ۽ فتني جو ٻيو نالو آهي. لانگ مارچ جو مقصد رڳو گمراھه ڪندڙ پروپيگنڊا ۽ ادارن کان ناجائز مطالبا مڃرائڻ آهي. ھن چيو ته حملو ڊرامو فلاپ ٿيڻ کانپوءِ به ڀٽڪندڙ روح کي سڪون ناهي مليو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 4 گوليون لڳڻ وارو ڪوڙو اعلان هڪ لطيفو آھي. خوني مارچ ڪندڙ عمران خان وڌيڪ رتوڇاڻ چاهي ٿو. ٻن ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ مارچ لانگ نه پر شارٽ هوندو. صوبائي وزير چيو ته پنڊي ۽ اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ جي هر سازش ناڪام بڻائي ويندي.

صوبائي وزير چيو ته فتنا خان هاڻي عوام ۾ وڌيڪ بي نقاب ٿي چڪو آهي. عمران خان پنجاب ۾ حڪومت هجڻ باوجود وزيرآباد واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي سگهيو. عمران خان ۽ سندس نااهل ٽولو عوام کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳائي رهيا آهن. عمران خان لانگ مارچ ٻيهر شروع ڪرڻ کان اڳ قوم کي ٻڌائي ته کيس ڪيتريون گوليون لڳيون آهن. کيس ابتدائي طبي امداد لاءِ 19 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي گجرات ڇو نه آندو ويو؟ ڇا پاڪستان ۾ حادثن ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي طبي امداد لاءِ ڪنھن ڪينسر اسپتال پهچايو ويندو آهي؟ هوڏانهن پيپلز بس سروس جي فيز 2 تحت ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين اليڪٽرونڪ بس سروس جي آزمائشي سروس جي شروعات ٿي وئي آهي. آزمائشي سروس سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس کان سي ويو تائين هلائي وئي. اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پورهئي واري صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير جي جيل بابت صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ميمبر سنڌ اسيمبلي امداد پتافي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو ۽ ٻين آزمائشي سروس ۾ سفر ڪيو ۽ بس ۾ سهولتن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ پيپلز بس سروس جي ٻئي فيز ۾ ماحول دوست بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ٽيسٽ ڊرائيو جي ڏهن ڏينهن کانپوءِ باقاعده بس سروس جي شروعات ڪئي ويندي. هن چيو ته هي يورپين معيار جون بسون آهن. بسن جي ڊيگهه 12 ميٽر آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جتي ٽريفڪ گهٽ هجي انھن روٽس تي هي بسون هلايون وڃن. ان سلسلي ۾ سروي جاري آهي، جلد روٽس جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي چئلينجز آهن. سنڌ حڪومت صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن عوام کي جديد، محفوظ ۽ آرام واريون سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ھن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سمورن منصوبن جي مڪمل اونرشپ ڪري رهيو آهي. اسان جي ترجيح آهي ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا سمورا پروجيڪٽس مقرر وقت تي مڪمل ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button