نوابشاهه: نوابشاهھ ۾ ميخانه بيت التصوف ھائوسنگ سوسائٽيءَ حق صوفي ازم ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم ڏاھري المعروف مست پروازي پاران صوفياڻي محفل جو شاندار پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان مشھور صوفي راڳين حصو ورتو جنھن ۾ مانجهي فقير، خادم حسين خاصخيلي، مير محمد لغاري ۽ بين صوفيانه ڪلام ٻڌائي ويٺلن تي وجد تاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته صوفياڻي محفل ۾ فقير پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي رقص ڪندا رھيا. ان موقعي تي فقير جي ايم ڏاھري المعروف مست پروازي چيو ته صوفين ھميشه پيار محبت ۽ امن جو درس ڏنو آهي ۽ ڪڏھن به نفرتن جي ڳالھه نه ڪئي آھي، ھنن ميخانن تي ھميشه پيار محبت جي پرچار ڪئي ويندي آھي، ھتي محبت، امن ۽ پيار کي خوبصورت طريقي سان ونڊيو ويندو آهي، اھڙيون محفلون ڪرڻ سان دلين کي روحاني سڪون ملندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close