ڪوٽڙي جي رهواسين ڊاڪٽرياڻي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ساگر پنهور دانهيو ته 9 ڏينهن اڳ ۾ ڪوٽڙي سرڪاري اسپتال ۾ زال جو ويم ڪرايو، جتي ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب تازي ڄاول ڌي فوت ٿي وئي. زال جي پڻ حالت خراب ٿي وئي هئي. هن چيو ته ٻار جي جنم ۾ اڃا دير هئي، ان باوجود ڊاڪٽرياڻي تڪڙ ڪري ويم ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close