ٽنڊوڄام ويجھو موسى کٽياڻ اسٽيشن لڳ ڳوٺ بھادر علي چانڊيو جو رھواسي نوجوان ماجد علي پٽ اڪرم چانڊيو ڪالھه کان گم ٿيڻ سبب وارثن ٽنڊوڄام ٿاڻي اڳيان حيدرآباد – ميرپورخاص روڊ تي احتجاج ڪيو، جنھن سبب حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽريفڪ بند ٿي وئي. ان موقعي تي وارثن چيو ته اسان جو نوجوان ماجد علي ڪالھه گھران تيار ٿي ڪم سانگي نڪتو ته 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود اڃا تائين واپس نه آيو آهي. سندس موبائل پڻ بند آهي. ھنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته ماجد علي کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي. ماجد علي موسى کٽياڻ ۾ پ پ ايڇ آ جي ڊسپينسري ۾ ڪم ڪندو آهي. ھنن چيو ته پوليس جيستائين اسان جو نوجوان بازياب نه ڪرائيندي اسان جو احتجاج جاري رهندو. ٽنڊوڄام پوليس مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ماجد چانڊيو جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close