ڪراچي: ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي وفد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهه ٻولهه ۽ معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، فيصلن جي حتمي منظوري ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ پ پ قيادت ڏيندي. ايڪسپريس نيوز موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي وفد سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وفاقي وزير فيصل سبزواري، خواجه اظهار الحسن، اڳوڻو وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ اڳوڻو ميئر ڪراچي وسيم اختر شامل هئا.
جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سان صوبائي وزير سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ، وقار مهدي ۽ مرتضيٰ وهاب گڏ هئا. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي وچ ۾ ورڪنگ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۽ برساتن سبب متاثر ٿيل انفرااسٽرڪچر جي بحالي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين شهر جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.