تحريڪ انصاف وزيرآباد ۾ ٻيهر شروع ٿيندڙ پنهنجو لانگ مارچ 2 ڏينهن اڳتي ڪري ڇڏيو، هاڻي قافلو خميس جي ڏينهن کان اڳتي وڌندو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي لانگ مارچ جي شيڊيول ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، مارچ اڱاري نه پر خميس کان ٻيهر شروع ٿيندو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين جي وفد ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته قوم هاڻي تيار آهي، چونڊن جي تاريخ وٺي ئي اسلام آباد مان واپس ورنداسين، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سان ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهان ۽ ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندس، لانگ مارچ هر صورت ۾ منزل تي پهچندو، مارچ جي قيادت شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ ٻيا اڳواڻ ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته سرحدن تي بيٺل هر فوجي مون لا اولاد وانگر آهي، آرمي چيف جي مقرري منهنجو مسئلو ناهي، پاڪ فوج اسان جي آهي ۽ ان جي خلاف وڃڻ ممڪن ئي ناهي. هوڏانهن پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان الزام هنيو ته ملڪ جي ڳجهي ايجنسي 2 مهينا اڳ سندس هڪ وڊيو ٺاهي ۽ مٿس توهين مذهب ۽ مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت مون تي حملي جي رٿابندي ڪئي هئي ۽ اهو ڏيکارڻ چاهين ٿا ته مون مذهبي جذبا مجروح ڪيا آهن، اها رٿابندي سان گڏوگڏ قتل جي ڪوشش پڻ هئي، جنهن بابت اسان واقف هئاسين، مون ماڻهن کي ٻڌايو ۽ اڳواٽ خبردار ڪيو هو ته ائين ٿيڻ وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڳواٽ خبر هجڻ ڪري مون آزاد ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، مون ٽن ماڻهن جا نالا ڏنا، جيڪي ان جا ذميوار هئا، جيڪڏهن شفاف جاچ ٿي ته سڀني کان پهرين انهن کان پڇا ٿيڻ گهرجي، اسان کي مقبوليت حاصل ڪرڻ لا ڪنهن تي الزام هڻڻ جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن آئون غلط آهيان ته عدالتي ڪميشن مون کي غلط ثابت ڪري، حقيقتون سامهون آڻڻ ڪري پيمرا ذريعي مون تي پابندي لڳائي وڃي ٿي، مون ڪهڙي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جو هي مون تي بندش لڳائي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close