سنڌ

ميهڙ واقعو:ڪيس جي روزاني شنوائي جو حڪم،28 نومبر تي رپورٽ طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي ۾ جيل اندر قيد جوابدارن سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو پاران ضمانت لاءِ داخل ڪرايل درخواستن جي شنوائي ٿي. جتي عدالت دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي روزاني بنياد تي شنوائي ڪري 28 نومبر تي پراگريس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدارن سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪرايون آهن جنهن ڪري ڪيس ۾ دير ٿي رهي آهي، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته آئون هڪ نياڻي پنجن سالن کان انصاف لاءِ دربدر آهيان ۽ منهنجو هي ڪيس سنڌ جي مظلومن جو ڪيس آهي. هن چيو ته گذريل شنوائي تي دادو جي ٽرائل ڪورٽ ۾ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر جوابدار جي وڪيل جي غير موجودگي ۾ انهن شنوائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني جنهن ڪري جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ھاءِ ڪورٽ شنوائي دوران دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي روزاني جي بنياد تي شنوائي ڪرڻ ۽ 28 نومبر تي پراگريس رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button