سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن ملازمن جو آفيسر جي بدلي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن ضلعي آفيسر ذوالفقار ڏيٿو جي بدلي خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آپڪا اڳواڻ پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، عبدالوحيد چانڊيو، عبدالوهاب مغيري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هڪ سازش تحت بنا جواز پاپوليشن کاتي لاڙڪاڻي جي ضلعي آفيسر ذوالفقار علي ڏيٿو کي جبري طور بدلي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پر افسوس مطالبا ته تسليم نه ڪيا ويا پر ويتر اداري جي آفيسرن کي بنا جواز بدلي ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ايندڙ خميس ڏينهن مطالبن جي مڃتا لاءِ آپڪا پاپوليشن لاڙڪاڻي پاران وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويندو. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سمورا جائز مطالبا تسليم ڪرڻ سان گڏ ذوالفقار ڏيٿو جي بدلي روڪي ملازمن مان ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button