گڊو شهر جي پٺاڻ محلي مان 13 ڏينهن اغوا ٿيل 5 ورهين جو مغوي نينگر سرفراز پٺاڻ بازياب ٿي گهر پهچي ويو. گذريل ڏينهن صبح جو چار وڳي ايس ايس پي ڪشمور زبير نذير شيخ ڊي ايس پي بخشاپور يارمحمد رند، ايس ايڇ او گڊو منظور لغاري، مغوي سرفراز پٺاڻ کي پاڻ سان گڏ کڻي پٺاڻ برادري پاران نينگر جي بازيابي لا لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي پهچي مغُي کي وارثن حوالي ڪيو. ان موقعي ايس ايس پي ڪشمور زبير نذير شيخ ڳالهائيندي چيو ته ڳجهي اطلاع تي گهيلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس هٿياربندن پاران مغوي نينگر کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ واري منصوبي کي ناڪام ڪرڻ لا ناڪابندي ڪئي، جتي پوليس جو هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن کي هٿياربند مغوي کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. جڏهن ته پوليس هٿياربندن جي سهولت ڪار بڻجندڙ ڪجھ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جن کي جلد ميڊيا سامھون ظاهر ڪيو ويندو. مغوي نينگر جي بازياب ٿيڻ تي مغوي جي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، جن پوليس جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. ٻي طرف ذريعن موجب مغوي نينگر جي بازيابي ڀنگ عيوض ٿي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close