سنڌ

ٍشڪارپور جي ڪچي ۾ ڪارنهن تڪرار تان حملي ۾ عورت قتل

شڪارپور جي ڪچي ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان گهر تي ٿيل حملي ۾ عورت قتل ٿي وئي. شڪارپور جي ڪچي واري علائقي جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد بروهي ۾ ٻن ڌرين حسين بخش بروهي ۽ منظور بروهي جي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تي گهر تي مبينا طور فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ منظور بروهي جي ڌر جي ناز خاتون بروهي زخمي ٿي پئي جنهن کي خانپور اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.عورت جو لاش خانپور اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري پوسٽ مارٽم شڪارپور سول اسپتال مان ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ان موقعي تي فوتڻ جي وارث منظور احمد بروهي جو چوڻ هو ته زمين تي ڪم ڪري رهيا هئاسين ته جوابدار حسين بخش بروهي سميت ٻين هٿياربندن گهر تي حملو ڪري اسان جي عورت کي بيگناهه قتل ڪيو آهي. ٻي طرف عورت جي قتل ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار حسين بخش بروهي جو چوڻ هو ته مون تي الزام بي بنياد آھن مامري جي جاچ ڪرائي وڃي. عورت کي پنهنجي سهري منظور فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي. رابطو ڪرڻ تي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميع الله جتوئي جو چوڻ هو ته بروهي برادري ۾ ڪارنهن جو پراڻو تڪرار هلندڙ هو، هٿياربندن عورت کي قتل ڪيو آھي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون، ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button