خيرپور/پيرجوڳوٺ: ڪنگري ڀرسان بجلي جي تارن ۾ وچڙيل 2 لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي. خبر موجب خيرپور جي تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ غفار شاهه جي علائقي ۾ ٻن نوجوانن جا لاش بجلي جي تارن ۾ وچڙيل مليا. ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيا. رابطو ڪرڻ تي وڏا ماڇيون پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي ڏٺوسين ته ٻن نوجوانن جا لاش بجلي جي تارن ۾ وچڙيل هئا، اسان ٻئي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيا آھن، جنھن بعد لاش سڃاڻپ نه ٿيڻ تي سردخاني حوالي ڪيا آهن، لاش ملڻ بابت وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close