اسلام آباد: اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب اسلام آباد پوليس غلام سرور، ذلفي بخاري، واثق ۽ ٻين اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا آهن، جڏهن ته علي امين گنڊاپور ۽ پرويز خٽڪ اسلام آباد پوليس کي پهريان ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام جو وڏو انگ وفاقي سرڪار کان روڊ کولرائڻ لاءِ اپيل ڪري رهيو آهي، وفاقي حڪومت جي اجازت سان اسلام آباد پوليس، رينجرز ۽ ايف سي موٽروي کولرائي سگهي ٿي. پوليس ذريعن موجب اسلام آباد ۾ معمول موجب ڪاروبار جاري آهي ۽ ٽريفڪ پڻ معمول موجب آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close