اسلام ڪوٽ: ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺهي ملڪ کي روشن ڪري رهي آهي، پر ٿر جي ماڻهن وٽ بجلي نه هجڻ به غلط ڳالهھ آهي، جتان به بجلي جي لائين گذري ٿي، انهي ڳوٺ کي لائيٽ جي سهولت ڏياري ويندي ۽ جتان روڊ گذرن ٿا، ويجهن ڳوٺن کي روڊ ڏياريا ويندا، انهي لاءِ مون هڪ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا سموري تعلقي جي سروي ڪري هڪ رپورٽ ٺاهي ڏيندي. اهڙو اظهار پاڪستان هندو ڪائونسل جي پيٽرن ان چيف ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي اسلام ڪوٽ ۾ وانڪواڻي هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ پ پ حڪومت ۾ ڪافي ڪم ٿيا آهن، ٿر ۾ جيڪي صحت جون سهولتون آهن، اهڙيون سهولتون سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ نه آهن، پر هتي تعليم جو نظام درهم برهم آهي، ڪٿي ڪٿي اسڪول ته آهن، پر اهي بند پيا آهن، انهي لا پاڪستان هندو ڪائونسل مختلف ڳوٺن ۾ 17 اسڪول هلائي رهي آهي. پنهنجي مرحوم ڀا جي نالي تي اسلام ڪوٽ ڀرسان نيو سٽي پريم ننگر ٺهرائي رهيو آهيان، جنهن ۾ نه رڳو لاوارث ٻارن ۽ وڏي عمر جي بي سهارا ماڻهن کي رهائي انهن جي سنڀال ڪئي ويندي، پر انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولت مهيا ڪئي ويندي. منهنجو خواب آهي ته اسلام ڪوٽ ۾ ايل ايم سي جو ڪئمپس قائم ٿئي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر چاهين ٿا ته ٿر اڃان به وڌيڪ ترقي ڪري. اُن موقعي تي پ پ ڪائونسلر ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي ۽ ٻيا گڏ هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close