اسلام آبادپاڪستان

ڪرپشن خلاف ڪو قانون ناهي، ڄڻ پاڪستان جهنگ بڻجي ويو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي درخواست تي شنوائي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا آهن ته لڳي ٿو پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف ڪو قانون ئي ناهي. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. شنوائي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بدعنواني جمهوريت، معاشري ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ نقصانڪار آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل گڏيل قومن جي ٺهراءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان يو اين جي ٺهراءَ تي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ صحيحون ڪيون آهن، نيب قانون ۾ تازيون ترميمون ڪري گڏيل قومن جي ٺهراءَ کي متاثر ڪيو ويو آهي.

جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا عالمي ٺهراءَ کي بنياد بڻائي پارليامينٽ کي قانون سازي کان روڪي سگهجي ٿو؟ عالمي ڪنوينشنز ڪنهن به ملڪ کي قانون سازي تي پابند ڪندا آهن؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نيب قانون ۾ رعايت ڇو ڏني وئي؟ ان جي وضاحت نه ڏني وئي، عالمي معيار جي قانون سازي تبديل ڪري پراڻي قانونن تي وڃڻ سڄي قوم سان مذاق آهي، سڀاڻي جيڪڏهن رشوت وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ڇا ان کي ڪير نٿو روڪي سگهي؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارليامينٽ قانون سازي نه ڪري ته ان سان به بنيادي حق متاثر ٿي سگهن ٿا، توهان جي دليلن مان لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ ڪو قانون ئي ناهي، دليلن مان لڳي ٿو ته ڄڻ پاڪستان جهنگ بڻجي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button