اسلام آبادپاڪستان

عمران خان چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرايا،ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد: ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 6 تڪن جا چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. عمران خان صرف چارسده مان ڪامياب اميدوار طور خرچن جا تفصيل جمع ڪرايا، خرچن جا تفصيل مقرر وقت کانپوءِ جمع ڪرايا ويا آهن. چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، رٽرننگ آفيسر تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ دير تي عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندا. عمران خان جي جواب ڏيڻ يا نه اچڻ جي صورت ۾ ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو، قانون موجب چونڊن کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ گهرجن. عدالتي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان کي ايندڙ چونڊن لاءِ به نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو. چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي اميدوارن کي ماضي ۾ به نااهل قرار ڏنو ويو آهي، سپريم ڪورٽ به هارائيندڙ اميدوار کي ايندڙ اليڪشن وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button