سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي، روڊن تان سامان هٽرايو ويو

لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملي مختلف علائقن ۾ حددخلين خلاف ڪاروايون ڪيون. ان سلسلي ۾ اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ڳالهائيندي چيو ته شهرين جي شڪايتن تي ميروخان چوڪ، 7 نمبر ناڪو، يار محمد ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ انڪروچمينٽ خلاف ڪاروايون ڪيون آهن، جنهن دوران روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ رکيل سامان هٽرايو آهي. ڪجھه ماڻهو گذريل عرصي کان روڊ پاسن کان جهوپڙا اڏي ويٺل هئا، انهن کي وارنگ ڏني آهي ته هو اتان لڳايل جهوپڙا هٽائين ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شهرين کي رليف فراهم ڪيون، جنهن تحت ئي اڄوڪي ڪارروائي عمل ۾ آندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button