سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس صوبي جي معيشت اڃا تائين دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته مجموعي غربت جي شرح 43 سيڪڙو سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 75 ڏهائي 5 سيڪڙو غربت رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي حڪمت عملي آهي ته معيشت کي 6 کان 7 سيڪڙو وڌايو وڃي ته جيئن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ هر سال 6 لک کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون وڃن پر اها حڪمت عملي 11-2010 جي ٻوڏن، ڪرونا وائرس ۽ هاڻي 2022 جي ٻوڏ سبب متاثر ٿي آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ 49 هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام/25 هين ابتدائي ڪمانڊ ڪورس جي 35 اي ايس پيز کي خطاب ڪندي چئي، جن ۾ 9 عورتون پڻ شامل هيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي اي ڊي خواجا، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، گهرو سيڪريٽري سعيد منڱڻيجو ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي جو راڄڌاني ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو ملڪ جو خاص مالياتي ۽ واپاري مرڪز آهي، سنڌ جي معيشت به ملڪي معاشي صورتحال جيان دٻاءُ جو شڪار آهي. وڏي وزير موجب سنڌ ۾ مجموعي طور تي غربت جي سطح بلند آهي، جيڪا 43 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اها شرح 75 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي. هن چيو ته سنڌ کي معيشت ۾ 6 کان 7 سيڪڙو سالياني واڌ جي ضرورت آهي ته جيئن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ نجي شعبي ۾ 600000 کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪيون وڃن ۽ اهوئي سبب آهي ته صوبي ۽ ملڪ جي ترقيءَ جا وڏا محرڪ سرڪاري خرچ ۽ سرمائيداري پيداوار آهن. مراد علي شاهه چيو ته تازي ٻوڏ صوبي جي سمورن شعبن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، اسان 2010ع جي ٻوڏ کي منهن ڏنو، پوءِ ڪروناوائرس ۽ هاڻي 2022ع ۾ وڏي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. هن وڌيڪ چيو ته قدرتي آفتن ۽ ٻين مسئلن باوجود سندس حڪومت ترقياتي پورٽ فوليو کي ترجيح ڏني آهي، جهڙوڪ نتيجن تي ٻڌل انساني ترقي، سماجي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائي، ڪراچي ۽ ٻين شهري مرڪزن تي ڌيان ڏيندي شهري ترقي، پاڻي ۽ صفائي جون اسڪيمون شروع ڪرڻ، رابطن کي بهتر بڻائڻ، مربوط زراعت لاءِ پاڻي کي محفوظ بڻائڻ شامل آهن. پنهنجي موثر پاليسين بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت صوبي ۾ آسان ڪاروبار ڪرڻ ۾ ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم سڌارا ڪيا آهن، جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ جي درجابندي 128 کان 108 (2019 کان 2020) تائين بهتر ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن ۽ وچولي ادارن لاءِ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ سيڙپڪاري کاتي ۾ هڪ ڊوئنگ بزنس ريفارمز يونٽ (Doing Business Reforms Unit) جوڙيو آهي ته جيئن ڪاروبار دوست ريگيوليٽري سڌارن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زونز مينيجمينٽ ڪمپني (SEZMC) ذريعي سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ماڊل طور اسپيشل اڪنامڪ زونز ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت ورلڊ بينڪ سان گڏجي “پاڪستان ريگيوليٽري ماڊرنائيزيشن انيشيٽو” تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن صوبي ۾ ڪاروباري ضابطن کي آسان بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڪروناوائرس سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين سندن معاشي ۽ عوامي صحت جي اثرن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته لاڪ ڊائون، سوشل سيڪيورٽي ۽ فعال پبلڪ هيلٿ ڪميونيڪيشن ۾ وقت سِر قدم کڻڻ سان پاڪستان وڏين ملڪن منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ وبائي مرض دوران بهترين ڪم ڪيو.
هن چيو ته وبائي مرض دوران سندس حڪومت ڪيترائي قدم کنيا جهڙوڪ فنڊ وقف ڪرڻ، ترقياتي پورٽ فوليو جو ٻيهر استعمال ۽ پبلڪ هيلٿ ڪميونيڪيشن جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪهڙي ريت متحرڪ گورننس گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهي ٿي حالانڪه غيرامڪاني برساتن کانپوءِ به سنڌ حڪومت محدود وسيلن هوندي به ترت ريسڪيو ۽ رليف ڪم شروع ڪري ڏنا. هن چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ريليف، ريسڪيو ۽ بحالي وارن ڪمن لاءِ قومي ۽ عالمي ڪوششن کي مربوط ۽ اڳتي وڌئڻ لاءِ وفاقي سطح تي نيشنل فلڊ رسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر قائم ڪيو ويو. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ هن چيو ته سنڌ هڪ مثالي ترقي ۽ بهترين آمدني وارو خطو بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر ان صلاحيت کي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گورننس جي مسئلن کي ڀليءَ ريت حل ڪرڻو پوندو.