سنڌ

ڪشمور ۾ سرڪاري پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ۾ سرڪاري پلاٽن تي قبضي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي ريلي پي پي ايل روڊ کان ڪڍي شاهه پل روڊ، مسلم بازار، نادره چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالغني بجاراڻي، هدايت الله جکراڻي، حضرت الله مزاري ۽ ٻين چيو ته ڪشمور جي پي پي ايل روڊ، شاهي واهه پل تي ٽي ايم او قبضو ڪري دڪان ٺهرائي رھيو آھي، ڪنهن به سرڪاري پلاٽ تي قبضو قبول نه ڪيو ويندو، اسان انهن خلاف ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪايو آهي. ٽي ايم او ڪشمور وحيد ڊومڪي شهرين کي سهولتون ڏيڻ بدران سرڪاري پلاٽن تي قبضن ۾ رڌل آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان اڄ هي ننڍڙو احتجاج ڪيو آهي جيڪڏهن قبضي مافيا قبضو ختم نه ڪيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button