سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ايمپلائيز يونين جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاهنواز چنا ۽ ٻين چيو ته 2016ع کان ملازمن کي اپگريڊ نٿو ڪيو وڃي. ملازمن جو 11 مهينن جون رهيل پگهارون ۽ پينشن پڻ ادا نٿي ڪئي وڃي، ملازمن جي ملندڙ پگهار مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته آفيسر ملازمن کي بغير ڪميشن جي پگهار ۽ پينشن نٿا ڏين. هنن چيو ته ملازمن جي اسٽيٽ لائيف ۽ انشورنس پاليسي ختم ڪئي وئي آهي، جيڪو ملازمن سان وڏو ظلم آهي. هنن اپيل ڪئي ته ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close