رتوديرو جي نادر شاهه محلي جي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورتن نذريران خاتون، زاهدا ۽ بختاور جلباڻي ۽ ٻين چيو ته چار ڏينهن اڳ رتوديرو شهر جي نادر شاهه محلي ۾ قتل ٿيل شهمير جلباڻي جي واقعي سان اسان جي مردن جو ڪو واسطو ناهي. شهمير جلباڻي جي وارثن اسان جي مردن تي بيگناهه قتل جو ڪيس داخل ڪرائي انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي. هنن چيو ته پوليس اسان جي 7 مردن کي گرفتار ڪري وئي هئي جن مان پنجن ڄڻن کي پيسا ڏئي پوليس کان ڇڏرايو آهي باقي ٻه ڄڻا محبوب ۽ جانب هن وقت پوليس تحويل ۾ آهن. هنن چيو ته گل مير، بابر ۽ دودو جلباڻي پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي اسان جي گھر ۾ ڪاهي پيا ۽ هنن اسان عورتن کي پنهنجي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هنن اسان جي گھر کي تالو هڻي ان تي قبضو ڪيو آهي. اسان سان بنا جواز ناجائزي ڪئي پئي وڃي. عورتن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ اصل قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close