ڏوڪري ۽ موھن جو دڙو ويجهو ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبنڊري ۽ وٽرنري کاتي پاران چارو ورهائڻ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم پيرزادو، اسد الله پيرزادو، ڊاڪٽر شاهنواز عرف ٻيجل پيرزادو ۽ ٻين متاثر مالوند ماڻهن کي جانورن لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ چارو فراهم ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعلقي لائيو اسٽاڪ ڏوڪري تعلقي جي انچارج ڊاڪٽر اسلم پيرزادو چيو ته لائيو اسٽاڪ هسبنڊري ۽ وٽرنري کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي، سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين جي حڪم تي متاثر مالوندن کي مال جو چارو ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close