پاڪستانسنڌ

ابراهيم جويو جون ادب لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: مخدوم سعيدالزمان

ڄامشورو: نامياري عالم، اديب، ڏاهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين محمد ابراهيم جويو جي پنجين ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيدالزمان “عاطف” پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جو جتي به ذڪر ايندو اتي ٻين اهم نالن سان گڏ محمد ابراهيم جويو جو نالو به ضرور ايندو. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو کي سنڌي ادبي بورڊ سان ان حد تائين محبت هئي ته هن آخري ڏهاڙن ۾ پنهنجي ذاتي لائبريري سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪئي. محمد ابراهيم جويو جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، محمد ابراهيم جويو جي خدمتن کي جيترو ياد ڪجي اوترو گهٽ آهي، پاڻ ڪيترن ئي ڪتاب جا مصنف ۽ مترجم به رهيو ۽ شروعاتي دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button