ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي ڀيل ڪالوني جي رهواسي 40 سالن جي واپاري رميش ڪمار ميگهواڙ گهر اندر مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي لاش کڻايو ۽ اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڪيترائي هندو برادري جا ماڻهو پڻ اسپتال پهتا. پوليس وارثن جي شروعاتي بيان موجب ته نوجوان جو چپل جو دڪان هو، ڪاروبار نه هجڻ جي ڪري نوجوان تي ماڻهن جو قرض وڌي ويو هو ۽ هو پريشان رهندو هو. پوليس موجب ته اسان پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، واقعو خودڪشي لڳي رهيو آهي، اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close