حيدرآباد: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته عدالتي فيصلي تي عمل ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ مرد ۽ عورت اميدوار شريڪ ھئا، مظاهري جي اڳواڻي پنهون اوڏ، آفتاب رند، مير عابد ٽالپر، اختر ڪلهوڙو ڪئي. هنن چيو ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ کي 9 سال گذري چڪا آهن، پر آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، عدالتي فيصلو به اسان جي حق ۾ آيو پر عدالتي فيصلي کي به سنڌ حڪومت مان نه ڏنو آهي، نوڪريون ڏيڻ جا ڪيترائي واعدا ڪيا ويا پر اهي واعدا وفا نه ٿي سگهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته کين تعليم کاتي ۾ آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. عمرڪوٽ ۾ اميدوارن راجيش مالھي، اڪبر سھتو، ڌنيش ڪمار، گلاب اوڏ، سومرو اوڏ ۽ محمد رمضان جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ڪلوئي ۾ اميدوارن عباس نهڙي، ذوالفقار علي نهڙي، اصغر هالو، محمد اويس، امداد علي ۽ ٻين مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. سامارو ۾ سليم قائمخاني، مجاھد قائمخاني، اشوڪ ميگھواڙ، خرم غوري، ارباب قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. نئون ڪوٽ جي مين ڍورو چوڪ تي امرت ميگھواڙ، محمد نديم مغل، شامداس، ملوڪ، پرديپ، شعيب قائمخاني، سنيل ڪمار، سترام داس، منصور احمد، گرڌاري لعل ۽ ٻين ڌرڻو هنيو. جهڏو ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن سيف الله کوسو، گل حسن دلواڻي، وسيم قائمخاني، خالد ميمڻ، اڪبر هوت ۽ ٻين ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي. مانجهند ۾ سجاد حسين ميمڻ، ارباب سڪندر علي ميمڻ، مختيار حاجاڻو، ولي محمد ميمڻ ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ٽنڊوالهيار ۾ اميدوارن نديم خانزاده، ممتاز ميرجت ۽ گلزار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. دادو ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن نور سيال، جاويد لغاري، ڪامران سومرو، غلام شبير چانڊيو، شازيه ڪوريجو، رخسانه ميمڻ، رشيده وگهيو، بينظير سولنگي، عروسه ڪوريجو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. کپرو ۾ پڻ اميدوارن سورهيه بادشاهه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close