پاڪستان

وزيراعظم مصر کان ڏيهه نه موٽيو، نواز شريف وٽ لنڊن پهچي ويو

وزيراعظم شهباز شريف مصر ۾ موسمياتي تبديلين بابت ڪوپ- 27 ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد مختصر دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي. ٻن ڏينهن جي ياترا دوران وزيراعظم شهباز شريف پارٽي سربراهه نواز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز سان سياسي صورتحال ۽ عمران خان جي لانگ مارچ تي صلاح مشورو ڪندو. ٻئي طرف سڌ سما واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم ڪوپ-27 ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد خانگي جهاز ۾ نجي دوري تي لنڊن روانو ٿيو آهي، ٻن ڏينهن بعد پاڪستان واپس پهچندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button