پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ديامر ۾ شرپسندن هٿان ڇوڪرين جي اسڪولن کي باهه لڳائڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇوڪرين جي اسڪول کي باهه ڏيڻ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي پاڪستان تي حملو آهي، هن ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت گلگت بلتستان تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته پاڪستان اهڙن عنصرن سان لوهي هٿن سان منهن ڏيندو، جيڪي مذهب جي نالي تي طاقت جي ذريعي پنهنجو سياسي ايجنڊا عوام تي مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسلام ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ علم پرائڻ جي وڏي اهميت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام معاشري ۾ مرد ۽ عورتن وچ ۾ برابري قائم ڪرڻ جو نالو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عورتن جي تعليم ترقي ۽ خودمختياري جي معاملي تي ڪڏهن به مفاهمت جو شڪار نه ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close