سنڌ

ڪراچي ۾ روزانو 10 هزار ماڻهو روزگار لا اچن ٿا:مرتضيٰ وهاب

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتصيٰ وهاب چيو آهي ته ملڪ جي ٻين شهرن مان روزانو 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي اچن ٿا، جنهن سان هن شهر تي هميشه دٻاءُ وڌندو پيو وڃي. ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر کي وڌيڪ ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ صوبو واحد صوبو آهي، جتي وڏي وزير ۽ ڪابينا کي زمين الاٽ ڪرڻ جي اجازت نه آهي، نه ئي چينج آف لينڊ جي اجازت ڏني وئي آهي، حڪومتي ڪمن کي روڪيو وڃي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، زمين بابت پابندي معزز عدالت طرفان آهي، جنهن سان ڪراچي جي شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ايس پي عمر چيما جي سربراهي ۾ پوليس کاتي جي 49 هين اسپيشلائيڊ ٽريننگ پروگرام ۽ 25 هين ڪمانڊ ڪورس جي آفيسرز جي ڪي ايم سي هيڊ آفيس جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. مرتصيٰ وهاب چيو ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، سمورين ٻولين ۽ فرقن سان واسطو رکندڙ ماڻهو هتي آباد آهن، ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي هڪ الڳ شهر آهي، جنهن جا مسئلا به مختلف قسم جا آهن، ڪراچي جي ترقياتي رٿائن لاءِ تمام وڏن فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ميونسپل يوٽيلٽي ٽيڪس بجلي جي بلن سان اوڳاڙڻ جو مقصد پاڪستان جي سڀ کان وڏي بلدياتي اداري ڪي ايم سي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ هو. ڪي اليڪٽرڪ پاڪستان ٽيليويزن جي لائسنس جي فيس اڳاڙي ٿي ته ڪنهن کي ڪوئي اعتراض نٿو ٿئي پر ساڳيو ادارو پنهنجي شهر جي ترقي لاءِ ميونسپل يوٽلٽي ٽيڪس گڏ ڪري ٿو ته ڪجهه ماڻهو سياسي فائدي لاءِ ان جي مخالفت ڪن ٿا. ميونسپل يوٽلٽي ٽيڪس اسان لاڳو ناهي ڪيو، هي 2009 کان لاڳو آهي، اسان يوٽلٽي ٽيڪس کي وڌيڪ گهٽايو آهي ته جيئن شهري سولائي سان ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي بيرسٽر ميرتصيٰ وهاب کي وفد پاران يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ڪي ايم سي پاران به وفد جي سربراهه کي ويري ويدر ٽاور جو مونومنٽ پيش ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button