سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي آمريڪا جي پرڏيهي معذور سياح عورت جي اڳواڻي وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. آمريڪا جو پرڏيهي وفد موهن جي دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر، اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ آمريڪا جي معذور عورت جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن، ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته مان معذور آھيان، ويل چيئر جو سهارو وٺندي آھيان، منهنجي خواهش ھئي ته موهن جو دڙو ضرور ڏسان، هتي اچي ڪري لطف اندوز ٿيا آھيون، پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙي جو گائيڊ موهن جي دڙي جي آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close